پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف ميدان نه ڇڏيندي، وفاقي حڪومت سان چونڊن بابت ڳالهيون جاري رکڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف پنهنجي صدر پرويز الاهي جي گهر تي پوليس آپريشن بابت حڪومت سان ڳالهين جو عمل ملتوي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ايندڙ لائحه عمل بابت پارٽي جي سينيئر قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومت سان ڳالهين بابت اهم فيصلو ڪيو ويو. خانگي ٽي وي موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهين جو عمل ملتوي نه ڪندي ۽ ڳالهين جو عمل شيڊيول موجب جاري رهندو. اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، شبلي فراز، سينيٽر اعظم سواتي، اعجاز چوڌري، حماد اظهر، محمود خان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي پوليس آپريشن جي مذمت ڪئي وئي. پي ٽي آ اڳواڻن را ڏني ته چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي پوليس آپريشن ڳالهين جو عمل تحريڪ انصاف طرفان ختم ڪرڻ جي سازش ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اسان ڳالهيون روڪيون ته سپريم ڪورٽ ۾ حڪومت کي موقعو ملي سگهي ٿو. اڪثر ميمبرن را ڏيندي چيو ته ڳالهين کي حتمي بڻائڻ لا گهڻي ڊيگهه نه ڏني وڃي، جيڪڏهن اسان جي ڏنل تجويزن تي عمل نه ٿيو ته ڳالهيون ختم ڪري سگهجن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button