پاڪستانپنجاب

حڪومت جو تجويزن تي پي ٽي آئي جو جواب اچڻ تائين خاموش رهڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت چونڊن جي حوالي سان تحريڪ انصاف کي ڏنل تجويز جو جواب اچڻ تائين خاموشي سان انتظار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ليگي قيادت ۽ سينيئر اڳواڻن پي ٽي آ سان هلندڙ ڳالهين ۽ چونڊن بابت اتحادي پارٽين کي به اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ماڊل ٽائون لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نواز ليگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن خواجا سعد رفيق، اياز صادق، وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ احمد خان ۽ عطا تارڙ شريڪ ٿيا، جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف، مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ۽ نواز ليگ جي ٻين اڳواڻن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. مشاورتي اجلاس ۾ امڪاني چونڊن جي حوالي سان ڳالهين جي دور ۽ سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، وفاقي وزيرن طرفان وزيراعظم کي تحريڪ انصاف سان هلندڙ ڳالهين بابت تفصيل سان بريفنگ ڏني وئي ۽ سامهون آيل مطالبن بابت صلاح مشورو پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت تحريڪ انصاف کي چونڊن جي حوالي سان ڏنل تجويز جي جواب تائين خاموش رهندي. ذريعن موجب لڳ ڀڳ 2 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ آئنده جي لائحه عمل بابت صلاح مشورو ڪيو ويو. تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ڪندڙ حڪومتي ٽيم ٻڌايو ته اسان آئين جي حدن اندر رهندي هاڪاري تجويزون ڏنيون آهن ۽ ڳالهين جي آخري مرحلي ۾ به ساڳئي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. ليگ اڳواڻن تجويز ڏني ته عام چونڊن کان اڳ عوام کي ڀرپور رليف ڏنو وڃي، اليڪشن ڪرائڻ کان پهرين پنهنجي پنهنجي تڪن جا مسئلا حل ڪرڻ ضروري آهن، جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ لا وس آهر قدم کڻي رهيا آهيون، عوام کي جلد رليف جي خوشخبري ٻڌائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button