اسلام آبادپاڪستان

پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي سان حڪومت جو ڪو تعلق ناهي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد :وفاقي وزيرن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي سان حڪومت جو ڪو به تعلق ناهي. ڪالهه ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سان رابطو ڪري پوليس چڙهائي تي افسوس جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته ڪارروائي وفاقي حڪومت نه پر نگران پنجاب حڪومت ڪئي. اسحاق ڊار چيو ته نگران پنجاب حڪومت طرفان اهو قدم کنيو ويو آهي، پنهنجي قيادت کي تحريڪ انصاف جي جذبن کان آگاهه ڪندو، ان حوالي سان شاهه محمود قريشي ناڻي وزير کي چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي کان آگاهه ڪيو. ٻئي طرف گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي جي خبر نه هئي، پوليس کي سندس گهر ۾ داخل نه ٿيڻ گهرجي ها، کيس ميڊيا تي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ آپريشن جي خبر پئي. هن چيو ته ڪو به قانون ڪنهن کي گهر جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نٿو ڏئي، ڪارروائي جو حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين سان ڪو به تعلق ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button