پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

عام صنعتن، سي اين جي ۽ پاور پلانٽن کي ٻه مهينا گئس بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي سياري لاءِ گئس لوڊ مئنيجمنيٽ پلان جون تجويزون منظور ڪري ورتيون. منصوبابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هلندڙ سياري دوران گهريلو ۽ ڪمرشل واهپيدارن کي گئس بحران کان بچائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي ڪميٽي ڪيپٽو پاور، جنرل انڊسٽري ۽ سي اين جي سيڪٽر کي ٻن مهينن لاءِ گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي آهي. ڪابينا ڪميٽي گهريلو واهپيدارن کي گئس جي بنا وقفي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، گڏوگڏ ايڪسپورٽ ۽ سيمينٽ سيڪٽر لاءِ گئس جي فراهمي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته گئس جي پهچ بابت تجويزون ايندڙ اجلاس ۾ ٻيهر پيش ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button