اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ لبيڪ جي ڪيس ۾ رياست کي پوئتي هٽڻو پيو.: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت ۽ رياست انتهاپسندي سان وڙهڻ لا مڪمل طور تي تيار ناهي، رياست جو ڪم قانون جي عملداري يقيني بڻائڻ آهي پر ٽي ايل پي ڪيس ۾ رياست کي پوئتي هٽڻو پيو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته هن چيو ته رياست جو ڪنٽرول ختم ٿيڻ تي جٿا قانون هٿ ۾ کڻندا آهن، حڪومتي رٽ ختم ٿيندي ته انتهاپسند حاوي ٿي ويندا، نظريو هر ڪنهن جو حق آهي پر ڪنهن تي زبردستي ٿاڦڻ درست ناهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي آمريڪا، ڀارت ۽ يورپ کان خطرو ناهي، اسان کي سڀ کان وڏو خطرو پنهنجي پاڻ کان آهي، انتهاپسندي جو سبب مدرسا نه اسڪول ۽ ڪاليج آهن، جتان انتهاپسندي وجود ۾ آئي، اسڪولن، ڪاليجن ۾ انتهاپسندي جي تعليم ڏيڻ وارا استاد ڀرتي ڪيا ويا ۽ مقامي انتظامي نظام کي به تباهه ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button