پاڪستانخيبرپختونخوا

جلسا ڪرڻ نه ڏنا ويا ته دمادم مست قلندر ٿيندو: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف اسان جي حڪومت مخالف مهم سان وائڙائپ جو شڪار ٿي اسان جا جلسا روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري سان اسلام آباد ۾ پ پ خيبر پختونخوا جي صوبائي قيادت ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪي پي جي سياسي صورتحال ۽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران صوبائي قيادت بلاول ڀٽو زرداري کي نوشهرا ۽ پشاور ۾ ٿيندڙ جلسن جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته انتظاميا پشاور ۾ جلسي جي اجازت نه پئي ڏئي، جڏهن ته نوشهرا ۾ جلسي کي ڏسندي به رنڊڪون بيهاريون پيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button