اسلام آبادپاڪستان

ملڪ سمنڊ پار پاڪستانين جي پئسي تي هلي رهيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪي ماڻهو پراڻي ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻي رهيا آهن، اهي تبديلي نٿا چاهين، مُئل ماڻهن جا ووٽ داخل ڪرايل آهن، ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻندڙ نواڻ آڻڻ نٿا چاهن. سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ڊجيٽل پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان اسان ڪڏهن پرڏيهه ۾ پاڪستانين کي اثاثو نه سمجهيو، انهن کي ملڪي جمهوريت ۾ شامل ڪيو ويو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ پاور آف اٽارني جو وڏو مسئلو هو، اهو به حل ڪيو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٽيڪنالاجي استعمال نه ڪرڻ کان وڌيڪ احمقاڻي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي ٿي سگهي، تنهن ڪري اسان کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي منظوري سان ڏاڍي خوشي ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button