اسلام آبادپاڪستان

بجيٽ کان پوءِ اسيمبليون ٽوڙيون وڃن:راڻا ثناءُالله

اسلام آباد : گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته آڊيو ليڪس جي معاملي جي انڪوائري ٿي سگهي ٿي، جنهن جي آڊيو ليڪ ٿي، ان کي انڪوائري لاءِ سامهون اچڻو پوندو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته حڪومت جو موقف آهي ته بجيٽ کان پوءِ اسيمبليون ٽوڙيون وڃن. راڻا ثناءُالله پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي بابت چيو ته پنجاب پوليس وفاق جي ماتحت نه آهي. صوبائي حڪومت ڇاپي لاءِ اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جي پابند هئي. دروازو ٽوڙي ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button