اسلام آبادپاڪستان

بشرا بيبي تي الزام،مريم نواز کي قانوني نوٽيس جاري

اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز کي هنيل “الزام” جو قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. بشرا بي بي مريم نواز کي نوٽيس موڪليندي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. مريم نواز کي قانوني نوٽيس اماڻيو ويو، جيڪو فيصل فريد ايڊووڪيٽ بشرا بي بي جي تجويز تي اماڻيو. نوٽيس ۾ مريم نواز کان 7 ڏينهن اندر بشرا بي بي کان غير مشروط معافي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪنهن به شهري کي بدنام ڪرڻ تي ضابطا فوجداري تحت 5 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button