اسلام آبادپاڪستانپنجاب

14 مئي تي چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي هونداسين:عمران

اسلام آباد/لاهور: اسلام آباد پوليس عمران خان کي 4 ڪيسن ۾ جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان وزيراعظم شهباز شريف جي برطانيا ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي ڀارتي دوري تي سخت تنقيد ڪئي، وڌيڪ چيو آهي 14 مئي تي چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي هونداسين، ايندڙ هفتي کان 14 مئي تائين جلسا ڪندس. ڪالهه اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف چيئرمين کي 10 ۽ 11 مئي تي جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ طلبي نوٽيس جاري ڪيا آهن. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 153 ۾ عمران خان پيش ٿئي، گڏوگڏ کيس رمنا ٿاڻي ۾ ئي داخل ڪيس نمبر 154 ۾ 10 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 03 ۾ عمران خان کي 11 مئي ۽ گولڙا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس نمبر 143 ۾ به 11 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي. عمران خان کي پوليس لائن هيڊ ڪوارٽر ۾ جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن چيف جسٽس سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پي ٽي آءِ جي ريلي زمان پارڪ کان شروع ٿي ۽ لڪشمي چوڪ ميٽرو اسٽيشن تي عمران خان پنهنجي گاڏي جي اندران ئي خطاب ڪيو. هن چيو ته اسان تي قاتلاڻي حملا ٿيا، ڪنهن کي پرواهه ناهي، قوم جو نقصان ٿي رهيو آهي، انهن کي پرواهه ناهي، قانون جي حڪمراني لاءِ سڀ ماڻهو نڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو آئين موجب اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، ان تي سمورا جج ۽ وڪيل متفق آهن، وفاق، نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن گڏجي چونڊون نٿا ٿيڻ ڏين، جيستائين چونڊون نه ٿيون ٿين سک سان نه ويهنداسين. عمران خان موجب اسان کي چيف جسٽس ڳالهين جو چيو، اسان ڳالهيون ڪيون، انهن هر قسم جو بهانو ڪيو، چيو ويو پئسو ناهي، انهن جي رڳو هڪ ئي ڪوشش آهي ته چونڊون نه ٿين. تحريڪ انصاف چيو ته اسان رڳو چونڊون چاهيون ٿا، مان چوڻ چاهيان ٿو ته سڄي قوم چيف جسٽس سان گڏ آهي، 14 مئي تي چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي هونداسين. هن ايندڙ هفتي کان 14 مئي تائين سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ زمان پارڪ روانو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ريلي ختم ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button