پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ڪالهه فارين ميڊيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي صدر اشرف خان جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ پرڏيهي اخبارن، پرڏيهي نيوز ايجنسين ۽ نشرياتي ادارن جا نمائندا پڻ موجود هئا. صوبائي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پرڏيهي نشرياتي ادارن جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت تازين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل 22 لک گهرن جي بحالي واري منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت صوبي ۾ سستي، آرامده ۽ معياري ٽرانسپورٽ سروس فراهم ڪري رهي آهي.

هن چيو ته عورتن لاءِ محفوظ ۽ مثالي گلابي بس سروس شروع ڪئي وئي آهي، معياري ۽ مثالي پبلڪ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا سائيڪل تي سفر ڪرڻ کان سستا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي عوام کي هر شعبي ۾ بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت صحت، توانائي، تعليم، زراعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ اهم ڪم ڪيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ ايس آئي يو ٽي، گمبٽ انسٽيٽيوٽ، اين آئي سي وي ڊي، سائبر نائف انسٽيٽيوٽ، جي پي ايم سي ۽ صحت جي شعبي ۾ ٻيا ادارا عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ مثالي قانون سازي ڪئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن، توانائي جي شعبي ۾ ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ سنڌ حڪومت جو انتهائي فخر جوڳو منصوبو آهي، سنڌ حڪومت خود انحصاري تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن قيمتي پرڏيهي مٽاسٽا ناڻي کي بچائي سگهجي. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ان موقعي تي موجود آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو صحافين جي پروفيشنل ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button