پاڪستانسنڌ

ڪراچي کان ڪشمور تائين مختلف ميگا پروجيڪٽ ڏنا: قائم علي شاهه

خیرپور: خيرپور ميڊيڪل ڪاليج خيرپور جو پهريون ڪانووڪيشن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي سبزه زار ۾ ٿيو. جنهن ۾ ايم پي اي منور علي وساڻ، وائيس چانسلر پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر اسد الله مهر، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالحئي ڦلپوٽو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊاڪٽر شرجيل چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪانووڪيشن ۾ صدارتي خطاب ڪندي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي باني سيد قائم علي شاهه چيو ته مان پنهنجي دور ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين صحت ۽ تعليم جا مختلف ميگا پروجيڪٽ ڏنا، خيرپور کي ايجوڪيشن سٽي بڻايو آهي، مون کي وڏي حيرت ٿي آهي ته 70 سيڪڙو شاگردياڻيون ۽ 30 سيڪڙو شاگرد آهن، تاثر رهيو آهي ته عورتون پوئتي هونديون آهن پر انهن پاڻ کي مڃرايو آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته جڏهن خيرپور اسٽيٽ هئي ۽ ون يونٽ هو ته خيرپور واسين لاءِ وڏيون سهولتون هيون، مفت تعليم، صحت ۽ بورڊنگ مفت هئي، پوري سنڌ ۾ خيرپور لاءِ اعزاز آهي ته ڪي ايم سي اي گريڊ جو ڪاليج آهي، سنڌ ۾ ميگا پروجيڪٽس آهن، اين آءِ سي وي ڊي سميت ٻيا ادارا آهن، جتي مفت صحت جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي. چيئرمين ۽ ڪي ايم سي جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر رخسار شاهاڻي چيو ته ڪانووڪيشن ڪنهن به تعليمي اداري جو لازمي حصو آهي ۽ هن اداري جي بهتر عڪاسي جو پيش خيمو آهي. ڪانووڪيشن ۾ چار ئي بيج مان 16 شاگردن کي گولڊ ميڊل ۽ 28 شاگردن کي سلور ميڊل ڏنا ويا. ڪانووڪيشن ۾ بيج ون جي ڊاڪٽر ستاره ڦلپوٽو، ڊاڪٽر صبا اسلم، ڊاڪٽر مهوش کي گولڊ ميڊل ڏنا ويا. بهترين گريجويٽ جو گولڊ ميڊل ڊاڪٽر بي بي عائشه ماڻيو. بيج نمبر 2 جي ڊاڪٽر گل فاطمه، ڊاڪٽر سنبل، ڊاڪٽر سوها ڪامران ۽ بهترين گريجويٽ جو گولڊ ميڊل ڊاڪٽر سنبل ماڻيو. ان کان علاوه بيج نمبر 3 جي ڊاڪٽر سنجنا، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ، ڊاڪٽر شائسته گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، جڏهن ته بهترين گريجويٽ جو گولڊ ميڊل ڊاڪٽر شيراني جاگواڻي حاصل ڪيو، بيج نمبر 4 جي پوزيشن هولڊر ڊاڪٽر محمد احسان نور، ڊاڪٽر شاخسي ڪوريجا، ڊاڪٽر دعا سلمان سومرو ۽ بهترين گريجويٽ جو گولڊ ميڊل ڊاڪٽر دعا سومرو حاصل ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button