اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف لاءِ عالمي لاڳاپن سميت هر شئي راند :وزيراعظم آهي

اسلام آباد ؛وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف لاءِ عالمي لاڳاپن سميت هر شئي راند آهي. ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جيئن ڀارت ۾ ٿيندڙ شنگهاني سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اها پريشان ڪندڙ آهي پر ان ۾ ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي. هن چيو ته عمران نيازي کي ماضي ۾ به ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جي مفادن کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪا لڄ نه ٿي، اقتدار ۾ رهي به هو ائين ڪري چڪو آهي، پي ٽي آءِ لاءِ عالمي لاڳاپن سميت هر شئي راند آهي. تحريڪ انصاف جي اڳوڻي حڪومت لاءِ بين الرياستي لاڳاپن سميت هر شئي رانديڪو هيون، پي ٽي آءِ طرفان شنگهائي تعاون تنظيم ۾ پاڪستان جي شرڪت کي تڪراري بڻائڻ جون ڪوششون تڪليف ڏيندڙ آهن. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، ته پي ٽي آءِ ڪهڙي طرح پاڪستان جي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت تي تڪرار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هي حيرت جي ڳالهه نه هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته عمران نيازي کي ماضيءَ ۾ به ملڪ جي اهم پرڏيهي پاليسي جي مفادن کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪو به عار نه هو. هن چيو ته جڏهن هو اقتدار ۾ هئا ته ان وقت به هن اهو ئي ڪيو. پي ٽي آءِ لاءِ بين الر ياستي لاڳاپن سميت هر شئي رانديڪو هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button