پاڪستانسنڌ

آ بي اي سکر جي تعليمي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو:وڏو وزير

سکر: وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھه آئي بي اي يونيورسٽي ۾ نائين ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھه،صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه، وائيس چانسلر آءِ بي اي يونيورسٽي سکر، اڳوڻو ميئر ارسلان اسلام شيخ، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر سکر، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ساڻس گڏ ھئا. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھه ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪامياب ٿيندڙ شاگردن جي والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان جي ترقي ۾ نوجوانن جو اھم ڪردار آھي، ڪووڊ 19 دوران سنڌ جي اھم شخصيت پروفيسر نثار احمد صديقي اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو، جنھن جون خدمتون ڪڏھن به وساري نٿا سگھون، جنھن پاڪستان ۾ ڪميونٽي ڪاليجز جو بنياد وڌو، جيڪو تمام وڏو ڪارنامو آھي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته آءِ بي اي سکر يونيورسٽي کي آءِ بي اي ڪراچي يونيورسٽي سان منسلڪ ڪرڻ جي منظوري ان وقت جي وزيراعليٰ منھنجي والد عبدالله شاهھ 1990ع ۾ ڏني ھئي، جنھن کي 25 سالن کان پو 2017ع ۾ مڪمل ڪري يونيورسٽي جو درجو ڏئي اپگريڊ ڪيو ويو، جيڪا ھن وقت ملڪ جي بھترين يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿي، مون کي اميد آھي ته آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي تعليم جي معيار کي اڃان بھتر ڪيو ويندو، وڏي خوشي جي ڳالهھ آھي ته يونيورسٽي ۾ 5 ھزار شاگردن مان 70 سيڪڙو شاگردن کي اسڪالرشپ تي پڙھايو وڃي ٿو، حڪومت سنڌ پنھنجي انڊوومينٽ فنڊ اسڪالرشپ پروگرام ذريعي 200 شاگردن کي آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ مدد فراھم ڪري رھي آھي، اسان جي ڪوشش آھي ته ان کي وڌائي 300 شاگردن تائين ڪيو وڃي، ھن جديد دور کي سامھون رکندي پنھنجي قوم کي روبو ٽڪس، اي آءِ بگ ڊيٽا ۽ بلاڪ چين جيان ٽيڪنڪل ترقي ڏيڻي آھي، اسان آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ۾ 150 سئو ملين روپين جي مدد سان روبو ٽڪس اي ون بلاڪ چين جي ھڪ جديد مرڪز جي قيام جي منظوري ڏني آھي، آ بي اي سکر پنھنجي مدد 1.5 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي شمسي توانائي سان پيدا ڪئي آھي، اميد آهي ته پنجن سالن ۾ وڌ کان وڌ سرمائيڪاري ڪري 25 سالن تائين مفت بجلي پيدا ڪندي. جڏهن ته وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهھ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي شاگردن ۾ 546 ڊگريون ورهايون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button