اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ جا اختيار:حڪومت فل ڪورٽ جوڙڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

اسلام آباد:وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون خلاف درخواستون رد ڪرڻ ۽ ڪيس جي شنوائي لا فل ڪورٽ جوڙڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. وفاقي حڪومت درخواستن خلاف 8 صفحن جو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو، جيڪو ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان جمع ڪرايو. وفاقي حڪومت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته قانون خلاف درخواستون انصاف جي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش آهي ۽ درخواستگذارن جي قانون کي چئلينج ڪرڻ ۾ نيت صاف ناهي. وفاقي حڪومت جي جواب موجب پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيار تي ڪا پابندي ناهي، ماسٽر آف روسٽر جي تصور کي قانوني تحفظ حاصل ناهي، قانون سان چيف جسٽس جو آئين جي آرٽيڪل 3/184 جو اختيار ريگيوليٽ ٿيندو، ان قانون سان عدليا جا اختيار نه گهٽبا، قانون ۾ آرٽيڪل 3/184 جي اختيار ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو آهي. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آئين جو آرٽيڪل 10 اي فيئر ٽرائل جو حق ڏئي ٿو ۽ آرٽيڪل 3/184 ۾ نظرثاني جو اختيار وڏو محدود آهي، فيئر ٽرائل لاءِ اپيل جو حق ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button