پاڪستانرانديون

پاڪستان وائيٽ واش نه ڪري سگهيو، ون ڊي ۾ پهرين پوزيشن کان به محروم، ڪيويز آخري مئچ ۾ ڪامياب

پاڪستان جي ٽيم نيوزيلينڊ کي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش نه ڪري سگهي، آخري مئچ ۾ ڪيوي ٽيم 300 رنسون ٺاهي پاڪستان کي 252 رنسن تي قابو ڪري ورتو، افتخار جون 94 رنسون ۽ سلمان علي آغا جي ففٽي به 47 رنسن تان مليل شڪست ٽاري نه سگهي. ان کان اڳ ڪراچي ۾ ون ڊي سيريز جي کيڏيل آخري مئچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ٽام ليٿم ٽاس کٽي پاڪستان کي بالنگ جي دعوت ڏني ته ڪيوي ٽيم 50 هين اوور ۾ 299 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ول ينگ 87 ۽ ڪپتان ٽام ليٿم 59 رنسن سان نمايان رهيا. پاڪستان آخري مئچ ته نه کٽيو پر ون ڊي سيريز جي ٽرافي 1-4 تان اڳواٽ کٽي چڪو هو، جڏهن ته ون ڊي جي عالمي رينڪنگ ۾ پاڪستان کان پهرين پوزيشن ٻن ڏينهن اندر کسجي وئي، آسٽريليا جي ٽيم ٻيهر پهريون نمبر حاصل ڪري ورتو، جڏهن ته هاڻي بابر اعظم اليون کي ٽيون نمبر نصيب ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button