اسلام آباد :پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کانپوءِ ان جي پٺيان رهيل ويل چيئر به بحث جو موضو بڻجي وئي. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن اڳوڻو وزيراعظم عمران خان عسڪري ادارن بابت بيان بازي سميت ٻين ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ ويل چيئر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي هاءِ ڪورٽ ۾ رينجرز جي اٽالن کيس حراست ۾ ورتو. ان دوران رهجي ويل ويل چيئر بابت سوشل ميڊيا صارفين مختلف تبصرا شروع ڪيا، ڪجهه صارفين ان کي ڊرامي جي پڄاڻي چيو ته ڪنهن هڪ بيمار ماڻهو کي ان جي ضروري سامان کان سواءِ کڻي وڃڻ کي ظلم قرار ڏنو. ڪنهن وري چيو ته اوهان جيترا به بيمار هجو، رينجرز اوهان کي پيرن تي بيهارڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close