اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي قيادت ڪور ڪماندر هائوس تي حملي ۾ ملوث نڪتي:آڊيوز ليڪ ٿي ويون

اسلام آباد :پي ٽي آئي قيادت پاڻ لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي ۾ ملوث نڪتي، ان حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف ۽ ثبوت سامهون اچي ويا. ميڊيا رپورٽ مطابق وڊيو ۽ آڊيو ميسنجر ۾ پي ٽي آئي جا ليڊر پنهنجن ڪارڪنن کي جناح هائوس تي گڏ ٿيڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. پي ٽي آئي جا اڳواڻ ٿيندڙ نقصان تي خوشي ملهائي رهيا آهن، اعجاز چوڌري جي آڊيو ڪال ليڪ ٿي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته اسان پورو ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. علي چوڌري پڇي ٿو ته گوليون هليون آهن؟ ان تي اعجاز چوڌري چوي ٿو ته بلڪل فائرنگ ٿي، پهريان ته هوائي فائرنگ ٿي آهي پوءِ به برسٽ هلايو آهي. ٽن ماڻهن کي گوليون لڳيون آهن. ليڪ آڊيو ۾ چيو ويو ته گلاس کان وٺي ڪابه شئي ناهي بچي، ان کان علاوه شيخ امتياز ۽ اصغر وڙائچ جي مبينا آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي جنهن ۾ صغير وڙائچ پڇي ٿو ته شيخ صاحب پنهنجا علائقا بند رکڻا آهن يا سينٽرل پوائنٽ، شيخ امتياز چوي ٿو ته اسان هتي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ گڏ ٿي رهيا آهيون. ان تي صغير وڙائچ پچي ٿو ته ڪور ڪمانڊر هائوس؟ پوءِ اسان به اتي پهچي وڃون، ان تي شيخ امتياز چوي ٿو ته هائو پهچي وڃو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button