پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ڪئمپس ۾ ٻن شاگرد گروپن ۾ جهيڙو، 7 زخمي، 2 گرفتار

سانگھڙ: سانگهڙ جي شھيد بينظير آباد يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ٻن شاگرد يوسف زئي ۽ اعواڻ گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 شاگرد زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ سجاد اعواڻ، فيضان ملڪ، باسط اعواڻ، راجا حسنين، مظھر پرھيار، معيظ اعواڻ ۽ ڪامران اعواڻ شامل آهن، اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس پهچي وئي، جنهن زخمي شاگردن کي اسپتال پهچايو، يونيورسٽي ۾ جهيڙي جي خبر شهر ۾ باهھ جيان پکڙجي پئي، جنهن بعد زخمي شاگردن جا مٽ مائٽ ۽ دوست اسپتال پهچي ويا، ان دوران اسپتال جو ايمرجنسي وارڊ مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو ۽ ٻئي شاگرد ڌريون اسپتال ۾ وري اٽڪي پيون، اطلاع تي پوليس پڻ پهچي وئي، يونيورسٽي ۾ جهيڙي دوران انتظاميا ڪئمپس جو مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو، جنهن دوران ڪافي شاگرد توڙي شاگردياڻيون هڪ ڪلاڪ اندر بند ٿي ويون، بعد ۾ شاگردن کي پوليس پروٽوڪول ۾ پوائنٽ بسن ۾ نوابشاهه نيو ويو، واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو. جڏهن ته پوليس ٻن شاگردن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. واضع رهي ته 2 مهينا اڳ به يونيورسٽي ۾ ٻن شاگرد گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن کانپوءِ انتظاميا 10 کان وڌيڪ شاگردن کي نيڪالي ڏني هئي، سپاف جي ضلعي صدر خادم حسین خاصخيلي پاران احتجاج جو سڏ ڏيڻ کانپوءِ انتظاميا گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ نيڪالي ڏنل شاگردن کي بحال ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button