پاڪستانسنڌ

سنجرچانگ ۾ استاد مقرر نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

سنجر چانگ: سنجر چانگ لڳ ڳوٺ صوڀو رند ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول بند هئڻ ڪري ڳوٺاڻن ۽ معصوم ٻارن احتجاج ڪيو، احتجاج ۾ شريڪ ڳوٺاڻن نظر حسين رند، مولا بخش رند، محمد هاشم رند، خادم حسين رند ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد نه هئڻ ڪري معصوم ٻارن جي پڙهائي بند آهي، اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٻين ڳوٺن جا ٻار به پڙهندا هئا، اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي درخواستون ڏنيون، پر استاد مقرر ناهي ڪيو ويو. ڳوٺاڻن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته جلد اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ٻارن جو مستقبل بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button