پاڪستانسنڌ

ڀرڳڙي اسڪول ۾ گڏجاڻي، ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جو عزم

حيدرآباد: حيدرآباد سٽي ۾ واقع گورمينٽ لوئر سيڪنڊري اسڪول رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۾ هيڊماستر پريم چند جي صدارت هيٺ استادن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ نديم فتح، شمس العارفين، شاهد، شوڪت، ڪشور، زوهيب، گڊو ڀائي، منور، ڪيلاش، حمادالحسن، عبدالله ۽ ٻين استادن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي هيڊماستر پريم چند چيو ته اسڪول ۾ بهترين نموني سان امتحان ورتا ويا آهن ۽ استادن جي محنت سبب شاگردن جي تعليم ۾ بهتري آئي آهي، پر اسان کي شاگردن جي قابليت ۽ تعليمي صلاحيت وڌائڻ لا وڌيڪ توجه ڏيڻي پوندي. هن چيو ته نئين داخلا لا اسان هن وقت کان ئي ڊسپلي ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏي آهي ته جئين جيڪي به والدين ٻارن جي داخلا لا ايندا، انهن کي ڊسپلي ڊيسڪ ذريعي مقرر ڪيل استاد بهترين طريقي سان اعتماد ۾ وٺندا ۽ ٻارن جي داخلا ڪندا. هن چيو ته اسڪول ۾ صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي، لوڊشيڊنگ دوران ڪجهه ڪلاسن ۾ بجلي جو متبادل بندوبست ڪيو آهي، جلد رهيل ڪلاسن ۾ به بندوبست ڪيو ويندو ۽ استادن طرفان پي ايم سي ايپ هلائڻ لا جلد اسڪول ۾ وائي فائيو لڳرائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button