پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد جو اسڪول برباد،وائرل وڊيو جو نوٽيس

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ميرپورخاص ذوالفقار علي جوڻيجو سوشل ميڊيا تي وائرل زبون اسڪول جي عمارت جي وڊيو جو نوٽيس ورتو ۽ صوبائي محتسب اعلى سنڌ کي لکت ۾ درخواست ڏني ته سيڪريٽري تعليم کي طلب ڪري ايجوڪيشن ورڪس جي اختيارين کان فنڊن جو بندوبست ڪرايو وڃي ته جئين زبون اسڪولن جي مرمت ڪرائي، ان ڪري جو برساتن دوران تباهه ٿيل اسڪولن جي شاگردن جي تعليم کي نقصان نه پهچي ۽ شاگرد پرامن تعليمي ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن. هن تفصيلي طور چيو ته سوشل ميڊيا تي زبون اسڪول منو خان دراني پرائمري اسڪول تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي عمارت جي وڊيو وائرل ٿي، جنهن تي ايڪشن کڻي ڊي اي او پرائمري محمد عثمان سومرو کان اسڪول بابت ڄاڻ ورتي وئي، جيڪا رجسٽرار ۽ سيڪريٽري صوبائي محتسب اعلى کي موڪلي وئي ۽ تعليم کاتي جي عملدارن سان گڏ اسڪول جو دورو ڪيو ويو. ڄاڻايل اسڪول 95ع ۾ قائم ٿيو ۽ ان کي 96ع ۾ تعمير ٿيل هڪ ڪچي ڪمري ۾ اسڪول هلايو ويو، اسڪول 2009 کان 2014 ۾ پي ايس ٽي ماهي خان کي مقرر ڪيو ويو، گذريل برساتن ۾ اسڪول جو ڪمرو ڊهي پيو، جنهن بعد استاد 50 شاگردن کي کليل ميدان ۽ وڻن هيٺان پڙهائي رهيو هو. ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب جي مداخلت تي انتظاميا جاڳي ۽ غريب ڳوٺاڻن جي ٻارن کي عارضي پناهه گاهه فراهم ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button