اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جو 8 ڏينهن جو رمانڊ منظور،توشا خانا ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

اسلام آباد :احتساب عدالت القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته توشا خانا ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. اربع تي احتساب عدالت کي سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي پوليس لائنز اسلام آباد ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي گيسٽ هائوس کي عدالت جو درجو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته توشا خانا ڪيس جي شنوائي به پوليس لائينز منتقل ڪئي وئي. احتساب عدالت جو جج محمد بشير ڄاڻايل ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران عمران خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. سندس وڪيل خواجا حارث فيصل چوڌري ۽ ٻيا به عدالت ۾ موجود هئا. نيب پاران عمران خان جي 14 ڏينهن جسماني ريماند جي اپيل ڪئي وئي. پي ٽي آئي چيئرمين جي وڪيل نيب جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته ڄاڻايل ڪيس نيب جي دائري ۾ نٿو اچي، نيب انڪوائري رپورٽ به شيئر ناهي ڪئي. ان ڪيس جي اوپن ڪورٽ شنوائي جي اپيل ڪندي چيو ته هرهڪ کي ڪيس جي منصفاڻي شنوائي جو حق آهي. نيب پراسيڪيوٽر پاران چيو ويو ته گذريل ڏينهن عمران خان کي حراست ۾ وٺڻ وقت کيس گرفتاري وارنٽ ڏيکاريا ويا هئا. جڏهن ته عمران خان نيب پراسيڪيوٽر جي دعويٰ جي ترديد ڪندي چيو ته مون کي گرفتاري وارنٽ حراست ۾ وٺڻ جي وقت نه پر نيب جي آفيس وٺي وڃي ڏيکاريا ويا هئا. عمران خان جي وڪيل پاران اپيل ڪئي وئي ته ڪيس جا لاڳاپيل دستاويز شيئر ڪيا وڃن جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر خاطري ڪرائي ته ان حوالي سان ضروري دستاويزن جي ڪاپي عمران خان جي وڪيلن جي ٽيم جي حوالي ڪئي ويندي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي القادر ٽرسٽ ڪيس جي تفصيل کان آگاهه ڪندي چيو ته هي برطانيا مان پاڪستان رقم منتقل ٿيڻ جو ڪيس آهي. برطانيا جي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي رقم بابت جاچ ڪئي، برطانيا کان ملندڙ رقم قومي خزاني ۾ جمع ناهي ڪرائي وئي پر پاڪستان ۾ وصول ٿيل هن رقم بابت غيرقانوني سمجهوتو ڪيو ويو. ان دوران عدالت عمران خان کي به ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو. ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ۽ 17 مئي تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف توشا خانا ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. ڪيس جي شنوائي پوليس لائنز هيڊ ڪوارٽر ايڇ اليون جي گيسٽ هائوس ۾ ٿي، جتي عمران خان کي پيش ڪيو ويو، ڪمشنر آفيس پوليس لائنز کي عدالت جو درجو ڏنو. عدالت عمران خان تي توشا خانا ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو پر عمران خان ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي دستاويزن تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور عمران خان کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو. عدالت توشا خانا ڪيس جي شنوائي 13 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button