پاڪستانسنڌ

اٽڪ ۾ جوابدار پي پٽ سان گڏجي ڀا کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻيو ڀا مرڻينگ

اوٻاوڙو: اٽڪ ۾ اوٻاوڙو واسي جوابدار پي پٽ پنهنجي ڀا کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻيو ڀا ڳلو ڪپي زخمي. تفصيل موجب اوٻاوڙو واسي بهادر علي بوزدار پنهنجي 16 سالن جي پٽ سان گڏ پاڪ فوج ۾ ڊيوٽي ڪندڙ بلال احمد بوزدار وٽ اٽڪ پهتو، جتي رات دير سان ڪنهن ڳالهه تي ٻنهي ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن کان پو بهادر علي پنهنجي پٽ سان گڏجي ننڍي ڀا بلال احمد کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مڙس کي بچائڻ لا آيل زال کي پڻ تشدد ڪري بيهوش ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڊيوٽي تان واپس ننڍي ڀا فيصل کي پڻ جوابدار پي پٽ ڳلو ڪپي مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. جڏهن ته زال هوش ۾ اچڻ تي دانهون ڪيون، جنهن کان پو
پاڙيوارن پهچي زخمي نوجوان ۽ زال کي اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن فالج جي مرض ۾ ورتل پيرسن پي جان محمد بوزدار لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته وڏي پٽ ظلم آهي، منهنجي سامهون ننڍي پٽ کي قتل ڪيو آهي. جڏهن ته پاڪ فوج مقتول جو لاش اوٻاوڙو پهچايو، جتي سوين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف جوابدار خلاف جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button