اسلام آبادپاڪستان

عمران ملڪ دشمني ڪري اهڙو ڏوهه ڪيو آهي،جنهن جي معافي ناهي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سياست ۾ انتقامي ڪارروائين جو ڪڏهن سٺو انجام ناهي هوندو. پي ٽي آءِ جو حڪومتي دور پاڪستاني تاريخ جو بدترين دور هو، عمران نيازي ملڪ دشمني ڪري اهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جي معافي ناهي. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جو دور ملڪي تاريخ جو ڪارو دور هو، حڪومتي ليڊر اپوزيشن جي گرفتاري جو هڪ ڏينهن اڳ ٻڌائي ڇڏيندا هئا، انڌي سياسي انتقام سان ملڪ ۽ قوم جي ترقي متاثر ٿي. قومي اسيمبلي جي پهرين ٻن قطارن ۾ ويٺل اڳواڻن کي پي ٽي آءِ جي دور ۾ گرفتار ڪيو ويو، رڳو الزامن جي بنياد تي ليڊرن کي گرفتار ڪيو ويندو هو. هن چيو ته نيب قانونن ۾ ترميم ڪري 90 ڏينهن جي رمانڊ کي 15 ڏينهن ۾ تبديل ڪيو ويو، نيب ترميمن جو سڀ کان وڌيڪ فائدو عمران نيازي کي ٿيو، عمران نيازي جي گرفتاري القادر ٽرسٽ ڪرپشن ۾ ٿي، سياسي ڪارڪن طور ڪنهن جي گرفتاري تي خوشي جو اظهار نٿا ڪري سگهون. سندس چوڻ هو ته عمران نيازي ۽ پي ٽي آءِ ڳجهين سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائي جيڪا ملڪ دشمني ڪئي آهي، ان جي ڪا معافي ناهي، عوام پي ٽي آءِ جي ردعمل کي رد ڪري ڇڏيو ۽ قانون جو ساٿ ڏنو، عمران نيازي شهيدن خلاف مهم هلائي، اڳواڻن جو فرض آهي ته ڪارڪنن کي قانون جو ليڪو پار نه ڪرائين.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته شرپسندن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button