اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاج ۾ شدت، عمارتن ۽ گاڏين کي باهيون، 10 ڄڻا مارجي ويا، 145 اهلڪار زخمي

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري خلاف سڄي ملڪ ۾ هلندڙ احتجاج دوران چڪرين ۾ 10 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جن مان 7 ڄڻا خيبر پختونخوا صوبي، 2 پنجاب ۽ هڪ شخص بلوچستان ۾ مارجي ويو آهي، پشاور ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي عمارتن کي باهه ڏئي گاڏيون پڻ ساڙيون ويون، شرپسندن اسلام آباد ۾ ٿاڻي سميت پوليس جي ٻن آفيسن کي باهه ڏئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، ڪيترن ئي سرڪاري گاڏين کي پڻ نقصان پهچايو ويو. مليل ڄاڻ موجب تحريڪ انصاف اڳواڻ عمران خان جي گرفتاري خلاف پشاور ۾ تشدد تي ٻڌل احتجاج دوران سرڪاري، خانگي ملڪيتن، گاڏين، ميٽرو بس، ايمبولينس کي باهيون ڏيڻ سان گڏوگڏ پٿرا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، جنهن بعد پوليس مختلف هنڌن تان 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس ۽ پي ٽي آئي جي مڇريل ڪارڪنن وچ ۾ چڪرين سبب 7 ماڻهو مارجڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. مڇريل ماڻهن ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي چڙهائي ڪئي ۽ اندر گهڙي سرڪاري سامان جي ڦرلٽ بعد باهه به لڳائي ڇڏي، پشاور جي شيرشاهه روڊ تي پوليس ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن وچ ۾چڪريون ٿيون، کوڙ سارا ڪارڪن هٿيارن سان ڏٺا ويا جيڪي فائرنگ به ڪندا رهيا، مڇريل ڪارڪنن ايڌي ايمبولينس کي روڪي مريض کي هيٺ لاٿو ۽ ايمبولينس ڀڃي ان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. مظاهرو ڪندڙن ريڊيو پاڪستان جي عمارت اندر ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي آفيس کي باهه ڏئي ڇڏي. اکين ڏٺل شاهدن جو چوڻ آهي ته آفيس ۾ صحافين سميت 6 اسٽاف ميمبر موجود هئا، 2 عورتون به آفيس ۾ موجود هيون، ٻين سڀني ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو پر هڪ شخص دير تائين ڦاٿل رهيو. پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان مطابق اسپتال ۾ 27 زخمي ۽ 4 لاش آندا ويا آهن، زخمين ۽ فوتين کي گوليون لڳل هيون، زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي آهي. ٻئي طرف پنجاب ۾ احتجاجي مظاهرن دوران پٿرا ۽ چڪرين ۾ 145 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 1280 کان وڌيڪ شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب شرپسندن 60 سرڪاري گاڏين کي نقصان پهچايو آهي. هوڏانهن هٿياربند جٿو ڪوهاٽ يونيورسٽي تي ڪاهه ڪرڻ بعد ڪوهاٽ بورڊ ۾ پڻ داخل ٿي ويو، جتي موجود ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن بعد ساڳين شرپسندن ڊسٽرڪٽ جيل تي حملي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مزاحمت ڪئي وئي. پوليس ترجمان دعويٰ ڪئي ته احتجاج ۾ شامل ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ٽي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن کي اڻڄاتل مدي تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button