اسلام آبادپاڪستان

شرپسندن خلاف سخت ڪاروائي جو فيصلو، جيڪو دشمن نه ڪري سگهيا،اهو هڪ سياسي ٽولي ڪري ڏيکاريو آهي:آئي ايس پي آر

فوجي ترجمان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کي قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته 9 مئي جي ڏينهن کي ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، جيڪو ڪم ملڪ جا ازلي دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيا، اُهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا هڪ سياسي گروهه ڪري ڏيکاريو آهي، فوجي ۽ رياستي اثاثن تي وڌيڪ حملا ٿيا ته شديد ردعمل ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري بعد منظم طريقي سان فوج جي ملڪيتن ۽ اثاثن تي حملا ڪرايا ويا ۽ فوج خلاف نعريبازي ڪئي وئي، جيڪو ڪم ملڪ جا ابدي دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيا اهي اقتدار جي حوس ۾ مبتلا سياسي روپ ۾ هڪ ٽولي ڪري ڏيکاريو آهي، فوج پنهنجي ساک جي به پرواهه نه ڪندي ملڪ جي وسيع مفاد ۾ صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو، جيڪي سهولتڪار، پلان ٺاهيندڙ ۽ سياسي حملا ڪندڙ انهن ڪارواين ۾ ملوث آهن انهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي انهن خلاف قانون مطابق ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ هي سمورا شرپسند هاڻي نتيجن جا پاڻ ذميوار هوندا، سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، فوجي ۽ رياستي اثاثن ۽ ملڪيتن کي ڪنهن به وڌيڪ حملي جي صورت ۾ سخت ردعمل ڏنو ويندو، جنهن جي مڪمل ذميواري انهيءَ ٽولي تي هوندي جيڪو پاڪستان کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو، ڪنهن کي به عوام کي ڀڙڪائڻ ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق 9 مئي کي ڪاري ڏينهن وانگر ياد رکيو ويندو، فوج انتهائي تحمل، بردباري ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو آهي، ناپاڪ رٿابندي تحت پيدا ڪيل هن صورتحال سان اها ڪوشش ڪئي وئي ته فوج پنهنجو فوري ردعمل ڏي ته جيئن ان کي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي، آرمي جي سنجيده موٽ ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، اسان کي چڱي طرح ڄاڻ آهي ته ان جي پٺيان پارٽي جي ڪجهه شرپسند ليڊرشپ جا حڪم، هدايتون ۽ اڳواٽ مڪمل رٿابندي هئي ۽ آهي. جيڪي سهولتڪار پلان ٺاهيندڙ ۽ سياسي چڙهائي ڪندڙ انهن ڪارروائين ۾ ملوث آهن انهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button