پاڪستانعالمي

لنڊن ۾ نواز شريف جي گهر ٻاهران احتجاج ڪرڻ تي پابندي

لنڊن ۾ ميٽرو پوليٽن پوليس ايڪٽ تحت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر ايون فيلڊ هائوس ۽ ان جي ڀرپاسي وارين گهٽين ۾ احتجاجي مظاهرن تي پابندي لڳائي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ميٽرو پوليٽن پوليس ايڪٽ 35 (سماج مخالف روين، ڏوهن) ۽ پوليسنگ ايڪٽ 2014 تحت نواز شريف جي گهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ احتجاج يا مظاهرن تي پابندي هوندي. لنڊن جي ميٽرو پوليٽن پوليس جي بيان موجب خميس جي رات 11 وڳي تائين لاڳو رهندي ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سزا به ٿي سگهي ٿي. اها پابندي مبينا طور لنڊن ۾ نوازشريف ۽ سندس خاندان جي گهرن اڳيان تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي هر ٻئي ڏينهن احتجاج سبب لاڳو ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button