اسلام آبادپاڪستان

فواد چوڌري سڄو ڏينهن سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ لڪيل رهيو، 12 ڪلاڪن بعد نيٺ گرفتار

تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ فواد چوڌري گرفتار ٿيڻ کان بچڻ لا صبح کان رات جو دير تائين سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ پناهه ورتي پر رات ساڍي 11 وڳي ٻي ڪا واٽ نه ڏسي نيٺ هن پوليس آڏو گرفتاري ڏئي ڇڏي. فواد چوري جو چوڻ هو ته اسلام آباد ها ڪورٽ ڪالهه فيصلو ڏنو هو ته مون کي 12 مئي تائين ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نٿو ڪري سگهجي، مان سپريم ڪورٽ ۾ موجود آهيان ۽ ٻاهر اسلام آباد پوليس جي وڏي نفري مون کي گرفتار ڪرڻ پهتي آهي، پاڪستان ۾ عملي طور تي عدالتون بند ٿي چڪيون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب فواد چوڌري ڪالهه صبح کان رات جو ساڍي يارهين تائين سپريم ڪورٽ جي عمارت اندر 12 ڪلاڪ ويٺل رهيو، عملي عمارت جون اندريون بتيون به بند ڪري ڇڏيون هيون، جنهن بعد پي ٽي آ اڳواڻ نيٺ گرفتاري ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي سپريم ڪورٽ مان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم مليا آهن، فواد چوڌري سان گڏوگڏ علي اعواڻ، راجا خرم نواز، عامر مغل ۽ ٻين اڳواڻن کي به گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button