اسلام آبادپاڪستانپنجابخيبرپختونخوا

ملڪ ۾ وڳوڙ بعد اسلام آباد،خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ فوج طلب

اسلام آباد :گهرو وزارت ملڪ ۾ وڳوڙ ۽ پرتشدد مظاهرن بعد اسلام آباد، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ملڪ جي اهم شهرن ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ضابطو آڻي سگهجي. پنڊي ۾ فوج ذميواريون سنڀالي ورتيون ۽ اسلام آباد ۾ به فوجي دستن گشت ڪيو. گهرو وزارت طرفان پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ اسلام آباد ۾ پاڪ فوج جي مقرري بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان سول پاور جي مدد سان امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فوج کي مقرر ڪيو ويندو. امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج جي جوانن ۽ اثاثن جي مقرري جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت آئين جي آرٽيڪل 245 ۽ اينٽي ٽيررازم ايڪٽ جي سيڪشن 4 (3) (2) تحت حاصل اختيار استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته فوجين جو حتمي تعداد، مقرري جي تاريخ ۽ علائقي جو تعين صوبائي حڪومت ڊائريڪٽوريٽ جنرل هيڊ ڪوارٽرز آف ملٽري آپريشنز جي مشاورت سان ڪندي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مقرري جي تاريخ جو فيصلو ٻنهي پارٽين وچ ۾ گڏيل مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزارت طرفان اسلام آباد ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري کانپوءِ وفاقي پوليس جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جا دستا اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ پهچي رهيا آهن. وفاقي پوليس سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ رينجرز ۽ هٿياربند فوج واقعي واري هنڌ موجود آهي. وفاقي پوليس وڌيڪ چيو ته “جيڪي به اشتعال پکيڙي رهيا آهن انهن کي گذارش آهي ته هو ائين ڪرڻ کان پاسو ڪن، عورتن ۽ ٻارن کي گذارش آهي ته سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button