سنڌ

عمران خان جي گرفتاري تي وڳوڙ شرمناڪ آهن:آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو عمران خان جي گرفتاري ۽ شهرن ۾ فسادن بابت بيان اچي ويو. آصف علي زرداري چيو ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ شهرن ۾ فساد افسوسناڪ ۽ شرمناڪ آهن. مان 14 سال جيل ۾ رهيس پر ڪڏهن به ڪنهن جيالي کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه ڏنو، پ پ اڳواڻن پنهنجي زندگي جيلن ۾ گذاري پر قانون هٿ ۾ نه کنيو. هن چيو ته سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ افراتفري پکيڙڻ وارو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، کيس عدالتن کي منهن ڏيڻو پوندو، کيس ڊڄڻ يا ڀڄڻ نه گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button