اسلام آبادپاڪستان

مون کي دهشتگردن وانگر پڪڙيو ويو،مٿي ۾ ڏنڊا هنيا ويا:عمران

اسلام آباد :پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪي چونڊون چاهين ٿا، اهي انتشار ڪيئن پيدا ڪندا؟ سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري خلاف درخواست تي شنوائي دوران عمران خان چيو ته مون هميشه حمايتين کي چيو آهي ته پرامن رهو، منهنجي خلاف دهشتگردي سميت 150 ڪيس داخل ڪيا ويا. عمران خان چيو ته چونڊ ريلي تي حملو ٿيو هو پر مون ريلي ختم ڪئي، 25 مئي تي افراتفري جو پتو پيو ته مون مظاهرو ختم ڪيو، اسان چاهيون ٿا ته چونڊون ٿين، عدالت فيصلو ڪري. هن چيو ته هميشه پنهنجي عوام کي چوندو آهيان ته افراتفري ۾ نه وڃو، چونڊون چاهيندڙ ڪيئن انتشار پکيڙيندا؟ عمران خان چيو ته ماڻهو انصاف لاءِ عدالتن ۾ اچن ٿا، مون کي لٺين سان ماريو ويو، اهو ڪنهن قاتل سان ناهي ڪيو ويو، جڏهن مون کي اغوا ڪيو ويو، اهي واقعا منهنجي لاءِ حيران ڪندڙ هئا. هنن چيو ته منهنجي مٿي تي لٺيون هنيون ويون، خبر ناهي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، مون کي دهشتگرد بڻائي پڪڙيو ويو، احتجاج جو ذميوار مان ڪيئن ٿو ٿي سگهان. شنوائي دوران عمران خان چيو ته گرفتاري کانپوءِ مون کان منهنجو موبائيل فون کسيو ويو، جنهن کانپوءِ مون کي ڪنهن به واقعي جي خبر ناهي.پيشي جي موقعي تي عمران خان کي ڪارو چشمو پهريل هو، عدالت ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ پاڻ ئي ڪورٽ روم تائين پيادل اچي پهتو. جڏهن ته صحافين پاران حراست دوران تشدد جي سوالن جو جواب نه ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button