پاڪستانسنڌ

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو ردعمل جائز نه هو،پر سياسي پارٽي تي پابندي جي حمايت نه ڪندس: بلاول

ڪراچي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ٿيندڙ مظاهرن تي ردعمل ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آئي سياسي پارٽي رهڻ چاهي ها ته پرامن احتجاج جو سڏ ڏئي ها. نيب ريفارمز سڀني جو مطالبو هو پر عمران خان مخالفت ڪئي. نيب ترميمن مان فائدو وٺندڙ سڀ کان پهريون سياستدان پاڻ عمران خان آهي. پي ٽي آئي کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ان کي سياسي پارٽي بڻجي رهڻو آهي يا نه؟ ڪالهه بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياستدان گرفتار ٿيندا آهن ته پوري سياست جو نقصان ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به جشن ناهيون ملهائيندا ۽ نه ئي مٺائي ورهائيندا آهيون. هن چيو ته پيپلزپارٽي پهرين ڏينهن کان نيب جي خلاف آهي، جڏهن ته پي ٽي آئي نيب جو دفاع ڪندي رهي آهي. 2008 کان 2013 تائين چارٽر آف ڊيموڪريسي جو حصو هو ته اسان نيب کي بند ڪنداسين. عمران خان ان کي ڏي وٺ قرار ڏنو ۽ نيب کي بچائڻ لاءِ مهم هلائڻ شروع ڪئي. هن چيو ته اسان جنهن اتحادي حڪومت جو حصو آهيون، ان ۾ شامل اتحادي اسان جي هن موقف سان اتفاق ڪري ورتو آهي. اسان تي اين آر او جو الزام لڳايو ويو. بلاول ڀٽو چيو ته افسوس آهي جو ان تي ڪرپشن جا سنگين الزام آهن، هن برطانيا مان رقم منتقل ٿيڻ واري معاملي ۾ پنهنجي ڪابينا کي ڌوکو ڏنو. مان پي ٽي آئي جي ان وقت جي ڪابينا ۾ شامل سمورن ميمبرن کان گهر ڪريان ٿو ته انهن الزامن جي ترديد ڪن.

هن چيو ته ٿيڻ ته اهو گهرجي ها ته عمران خان گرفتار ٿئي ها ته ان جي پارٽي چوي ها ته اسان جو قائد ڪيڏو بهادر آهي. جڏهن ته ان جو ردعمل سڀني ڏٺو، پي ٽي آئي سياسي پارٽي بڻجي رهڻ چاهي ها ته پرامن احتجاج جو سڏ ڏئي ها ۽ سياسي ردعمل تائين محدود رهي ها. هن چيو ته پي ٽي آئي پاران اهڙا حملا ڪيا ويا، جنهن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، جيتري قدر مون کي ياد آهي جي ايڇ ڪيو تي هڪ حملو بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ڪيو هو ۽ ٻيو هاڻي پي ٽي آئي ڪيو آهي، هڪ حملو بلوچستان ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي گهر تي بندش پيل بي ايل اي ڪيو هو، هاڻي لاهور جي جناح هائوس تي پي ٽي آئي حملو ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي ليڊر کي ڦاهي ڏني وئي هئي، جڏهن ته پيپلزپارٽي ڪڏهن جي ايڇ ڪيو يا ڪنهن ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو نه ڪيو. پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيو، پر پاڪستان کي نقصان نه ڏنو. هن چيو ته پي ٽي آئي گذريل ڏينهن ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو. پي ٽي آئي ۾ شامل ماڻهن هر ريڊ لائن کي ڪراس ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ادارن جي ذميواري آهي ته پاڪستان جي قانون ۽ آئين مطابق عمل ڪن ته جيئن ٻيهر ڪنهن سياسي پارٽي ٽولي يا تنظيم ان حد تائين پاڪستان جو قانون ٽوڙڻ جو نه سوچي. بلاول ڀٽو چيو ته مان ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي جي حمايت نه ڪندس جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي تي پابنديون به لڳيون ۽ اسان جو نشان به اسان کان کسيو ويو. جڏهن ته مان اصولي طور تي سياسي پارٽي تي پابندي جي حمايت نٿو ڪريان ۽ مان اميد ڪريان ٿو ته حالتن جي مجبوري سبب اسان کي ان پاسي نه وڃڻو پوي. هن چيو ته پي ٽي آئي جو هاڻي اهو ئي منشور آهي ته جيڪو انهن ڪري ورتو سو ڪري ورتو، ذميوارن کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو پر هاڻي ان کي وڌيڪ خرابي نه ڪرڻ گهرجي، ذميواري شهري جو ثبوت ڏيڻو پوندو ۽ پنهنجي لاءِ ڏکيائيون پيدا نه ڪن.

هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين لاءِ ضروري آهي ته موجوده سياسي بحران جو عدالتي يا ڪو ٻيو حل نه آهي پر سياسي حل نڪري، اهڙي وقت ۾ جڏهن اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل رهڻ چاهي ٿي، هي سمورين سياسي پارٽين لاءِ بهترين وقت آهي ته ان موقعي مان فائدو وٺن، سياسي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ ماضي ۾ جيڪو ٿيو اهو ٻيهر ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي پي ٽي آئي جو ردعمل ڪنهن صورت جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي، پي ٽي آئي کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ان کي سياسي پارٽي رهڻو آهي يا نه؟ هي اسان جو فيصلو نه آهي ته ان تي پابندي لڳائڻ گهرجي يا نه پر هاڻي هي ان جي مٿان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آئي رياست پاڪستان جي خلاف هٿياربند بغاوت جو فيصلو ڪري ٿي ته يقينن اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون، جو اسان کي مجبورن اهڙي قسم جي پارٽين تي پابندي لڳائڻي پوندي. هن چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو مرحلو ڪاميابي سان طئي ٿي ويو، جنهن ۾ پيپلزپارٽي تاريخي سوڀ ماڻي آهي ۽ سنڌ ۽ ڪراچي جي سياست هميشه لاءِ دفن ٿي وئي. 30 مئي تي ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي فتح جو ڏينهن ملهائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button