پاڪستانسنڌ

پي ٽي آئي فيصلو ڪري ته سياسي پارٽي يا تحريڪ طالبان ٿيڻو آهي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ تشدد وارين ڪارروائين تي پيش ڪيل مذمتي ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪو تشدد ٿيو آهي، ان جي مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته عمران خان کي 9 مئي تي نيب گرفتار ڪيو، هي ساڳي نيب آهي، جنهن جي خلاف اسان ٺهراءُ منظور ڪيا آهن، اسان چيو هو ته هن نيب کي ختم ڪيو وڃي. اسان کي چيو ويندو هو هي ڳٺ جوڙ آهي، اسان جو اسپيڪر هاڻي به حراست ۾ آهي. توشاخانه ڪيس ۾عدالت چيو ته انڪوائري بند ڪري هڪ ڪيس ۾ نيب ان کي گرفتار ڪيو. وڏي وزير چيو ته اسان ترميم ڪئي ته ان جو پهريون بينيفشري عمران خان آهي. پهريان 90 ڏينهن جو ريمانڊ آهي، هاڻي هي 14 ڏينهن جو آهي. هن چيو ته آصف زرداري کي جڏهن پڪڙيو ويو ته هن چيو ته ان کي گڏ ئي 90 ڏينهن جو ريمانڊ ڏئي ڇڏيو. هن ته ڪائي ڀڃ ڊاهه نه ڪئي، پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر بدامني ڦهلائڻ ڪنهن جو حق نه آهي. مراد علي شاهه چيو ته پهرين ڏينهن جڏهن اهي نڪتا ته اهو ماڻهو اڌ ڪلاڪ ۾ واپس ٿي ويو هو پر سوشل ميڊيا تي هن هلايو ته فلاڻي هنڌ پهچو جنهن کانپوءِ هي اتي پهتا. جتي ڪور ڪمانڊر هتي رهي ٿو، هي قائد اعظم جو گهر ساڙيو ويو آهي. ڪراچي ۾ انهن ماڻهن کي هتي جوش آيو، واٽر بورڊ جون ٻه مشينون ساڙيون، هڪ پيپلز بس سروس جي بس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.

وڏي وزير خبردار ڪيو ته اسان ڪنهن کي نه ڇڏينداسين اسان کوڙ ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، جيڪو به نڪرندو ان کي به گرفتار ڪنداسين، 22 آگسٽ تي گرفتاريون ٿيون هيون پرامن احتجاج جي اسان اجازت ڏينداسين. جيڪڏهن ڪوئي وڊيو ميسيج موڪلي احتجاج لاءِ چوندو، ان کي پڪڙيو ويندو، ڪور ڪمانڊر ڪراچي تي قاتلاڻو حملو اڳ به ٿيو آهي. اهو تحريڪ طالبان پاڪستان ڪيو هو. مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آئي کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ان کي سياسي پارٽي بڻجڻو آهي يا تحريڪ طالبان پاڪستان بڻجڻو آهي. هن چيو ته اسان ڪراچي کي واپس بدامني جي دور ۾نٿا وٺي وڃڻ چاهيون، اسان انهيءَ رات پوري شاهراهه فيصل کي ڪليئر ڪيو. يونيورسٽي روڊ تي به پوليس وين کي باهه لڳائي، هاڻي هي ڪوئا ٻرن ۾ گهڙي ويا آهن. هن چيو ته هي ڪوئا هاڻي يا ته ٻرن ۾ دفن ٿيندا، جيڪڏهن نڪرندا ته سوگها ٿيندا.

هن پاڪستان جي سلامتي تي حملو هو، هن چيو ته سيد سردار احمد چيو هو ته الطاف حسين تي آرٽيڪل 6 لڳايو اسان ڪنهن سياسي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي حق ۾ نه آهيون، مان چاهيان ٿو ته پي ٽي آئي جا ميمبر هتي اچن ها ته چون ها ته عمران خان تي آرٽيڪل 6 لڳايو. جيئن ايم ڪيو ايم ڪيو هو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي باني تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جي گهر ڪئي. هاڻي پي ٽي آئي تي وقت اچي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته کين موقعو ڏنو وڃي اهي هتي اچي ويهن پشاور ۾ ايڌي جي ايمبولنس ساڙي وئي. هن چيو ته پي ٽي آئي پاڻ عمران خان کي غدار قرار ڏئي انهن ۾ به محب وطن هوندا، مون کي لڳي ٿو ته هي ايندا ۽ عمران خان جي خلاف ٺهراءُ آڻيندا. تيستائين انهن کي موقعو ڏيو. مراد علي شاهه چيو ته عمران خان جو چشمو پائڻ جو سبب ڪو ٻيو آهي، اهو سامهون اچي ويندو. هو چشمو ڇو پهري ٿو. هن چيو ته حڪومت سنڌ اسيمبلي جي اميدن تي پورو لهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button