پاڪستانسنڌ

جيڪو جڊيشل ريمانڊ ۾ هجي، ڇا عدالت ان کي گهرائي سگهي ٿي؟ شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته جيڪو جڊيشل ريمانڊ ۾ هجي، ڇا ڪا عدالت ان کي گهرائي سگهي ٿي؟ عمران خان ماڻهن کي ملڪ ۾ فتني، فساد، جهيڙي، ويڙهه ۽ غلط ڪم لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته هاڻوڪن واقعن ۾ سنڌ جي ماڻهن ڪو خاص ردعمل ناهي ڏنو، پي ٽي آئي جي ماڻهن پنهنجي قيادت جي چوڻ تي پبلڪ ٽرانسپورٽ، واٽر بورڊ ۽ پوليس جي گاڏين کي نقصان ڏنو. صوبائي وزير چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي تي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن تي پيپلزپارٽي خوشي جو اظهار ناهي ڪيو، سازش تحت ادارن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي. ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي بندش جي حوالي سان شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس معطل آهي، وفاقي حڪومت حالتن کي ڏسي انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي آهي.

صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آئي ليڊرشپ ماڻهن کي ورغلائڻ شروع ڪيو، ڪنهن قيادت کي عدالت کان ڀڄڻ نه گهرجي. شرجيل ميمڻ چيو ته اڄ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آندو ويو آهي، ٽن ڏينهن کان تماشو هلي رهيو آهي، جيڪا ننڍڙي ڳالهه نه آهي. هن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪو شخص آئين ۽ قانون کي ڪنٽينرن تي لتاڙي رهيو هو، تڏهن ته ڪنهن جي ڪن تي جون نه سري. صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم سان اختلاف رهيا آهن پر ملڪ جون اهڙيون حالتون ڪڏهن به ناهن ٿيون. هن چيو ته ملڪ ۾ شرپسندي جا ڪم ڪيا ويا، ماڻهن کي ڀڙڪايو ويو، هر واقعي جي ايف آئي آر ۾ عمران خان کي نامزد ڪيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سپريم ڪورٽ هڪ ڪلاڪ ۾ عمران خان کي پيش ڪرڻ لاءِ چيو آهي، ڇا جڊيشل ريمانڊ ۾ آيل ڪنهن شخص کي عدالت گهرائي سگهي ٿي؟ هن وڌيڪ چيو ته لاڏلي لاءِ آئين ۽ قانون جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن، مون کي به عدالت مان گرفتار ڪيو ويو هو پر ان تي ته ڪو ايڪشن نه ورتو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button