اسلام آبادپاڪستان

ڪنهن کي به عدالتي اڱڻ مان گرفتار ڪرڻ تي پابندي لاڳو

اسلام آباد : چيف جسٽس عمر عطا بنديال اڄ کانپوءِ ڪنهن کي به عدالتي احاطي مان گرفتار ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري جي ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران چيف جسٽس حڪم ڏنو ته عدالتي احاطي مان اڄ کانپوءِ ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو ويندو، سيڪيورٽي جا ميمبر رجسٽرار جي اجازت کانپوءِ ئي عدالتن ۾ داخل ٿي سگهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button