پاڪستانپنجاب

شاهه محمود،قاسم سوري،علي محمد خان ۽ اعجاز چوڌري به گرفتار، ڪجهه اڳواڻ اڊيالا جيل منتقل

شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کانپو تحريڪ انصاف جي وڌيڪ ڪجهه اڳواڻن کي ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين موجب علي محمد خان ۽ سينيٽر اعجاز چوڌري کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. علي محمد خان کي اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ايندي 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سينيٽر اعجاز چوڌري گلگت بلتستان هائوس مان گرفتار ٿيو آهي، ان سان گڏوگڏ تحريڪ انصاف جي ٻين گرفتار ڪيل اڳواڻن ۾ مليڪا بخاري، مسرت اقبال چيما، فلڪ ناز چترالي، خالد خورشيد ۽ جمشيد اقبال چيما پڻ شامل آهن. ٻئي طرف سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي حراست ۾ وٺڻ بعد اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. شاهه محمود قريشي کي گلگت بلتستان هائوس مان گرفتار ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button