اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس پنهنجي سس وانگر تحريڪ انصاف ۾ هليو وڃي:مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز سپريم ڪورٽ طرفان عمران خان کي آزاد ڪرڻ واري حڪم تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عمر عطا بنديال چيف جسٽس جو عهدو ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي سس جيان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري وٺي ته بهتر آهي. مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پي ٽي آءِ جوائن ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال صاحب کي اڄ قومي ناڻي جا 60 ارب رپيا هڙپ ڪندڙ ڦورو سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ان کان به وڌيڪ خوشي کيس ان ڏوهي شخص کي آزاد ڪرڻ تي ٿي آهي. مريم نواز الزام هنيو ته ملڪ جي سڀ کان اهم ۽ حساس ملڪيتن توڙي اثاثن تي حملن جو سڀ کان وڏو ذميوار چيف جسٽس آهي، جيڪو هڪ فتني جي ڍال بڻيل آهي ملڪ اندر لڳل باهه تي تيل هاري رهيو آهي، عمر عطا بنديال صاحب، توهان چيف جسٽس جو عهدو ڇڏي سس جيان تحريڪ انصاف ۾ هليا وڃو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button