اسلام آبادپاڪستان

سهولتڪاري ظاهر ٿي پئي،ضمانت نه ملي ته عمران خان کي وري گرفتار ڪنداسين:گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي اڄ ٻيهر گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، راڻا ثنا الله چيو آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضمانت منظور نه ڪئي ته عمران خان کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته سپريم ڪورٽ مان عمران خان جي آزادي واري حڪم نامي بعد سهولتڪاري پڌري ٿي پئي آهي، سڄي قوم ڏسي ورتو ته لاڏلو ڪير آهي، ججن پنهنجي منصب جو به خيال ناهي رکيو، عمران جي ايندڙ شنوائي لا به نيڪ خواهشون ظاهر ڪري رهيا آهن، سپريم ڪورٽ جي ججن طرفان اهي سهولتون ٻئي ڪنهن کي به نه مليون آهن، جيتوڻيڪ هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گرفتاري کي درست قرار ڏنو هو پر صرف طريقيڪار تي اعتراض واريو هو. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان القادر ٽرسٽ ذريعي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، مٿس لاهور ۾ به ڪرپشن جو وڏو ڪيس آهي، جنهن ۾ کيس عمر قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي، عوام عمران خان جي گرفتاري کان پاڻ کي ڌار ڪري ورتو آهي، عوام جو فيصلو ڪڏهن به عمران خان جي حق ۾ نه ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button