
ڊالر جي اگهه ۾ ٽرپل سينچري مڪمل ٿيڻ بعد اوچتو لاٿ آئي آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 11 رپين تائين گهٽجي وئي، جنهن بعد 288 رپين جي سطح تائين اچي ويو آهي. جمعي ڏينهن ڪاروبار دوران ڊالر جي قدر ۾ وڏي گهٽتائي آئي ۽ ڊالر مجموعي طور 14 رپيا سستو ٿي 284 رپيا 90 پئسن جو ٿي ويو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 289 رپين جو ٿي ويو آهي. تجزئي نگارن مطابق سپريم ڪورٽ طرفان عمران خان کي آزاد ڪرڻ سان مارڪيٽ تي هاڪاري اثر پيو آهي.