اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، شيرين مزاري،ياسمين راشد ۽ خسرو بختيار به گرفتار

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ٿي ويو، پي ٽي آ پنجاب جي صدر ياسمين راشد ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري به گرفتار ٿي ويون. ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عندليب عباس چيو آهي ته ياسمين راشد کي صبح جو ساڍي 6 وڳي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته ڊاڪٽر شيرين مزاري کي سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو. ذريعن موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس گرفتاري جي تصديق پي ٽي آءِ اڳواڻ عندليب عباس طرفان ڪئي وئي، اڳوڻي صوبائي وزير کي ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ان حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ سامهون نه آئي آهي. ان کان اڳ گذريل رات اسلام آباد مان اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري کي به گرفتار ڪيو ويو. ذريعن موجب شيرين مزاري کي اسلام آباد ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گرفتاري جي تصديق سندس ڌيءَ ايمان مزاري به ڪئي آهي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي بلوچستان اسيمبلي ميمبر خان خلجي، خسرو بختيار، افضل ساهي ۽ بلال بسرا کي به ٿري ايم پي او تحت حراست ۾ ورتو ويو آهي. مبين خلجي کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪوئيٽا ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button