پاڪستانپنجاب

چيف جسٽس صاحب! توهان ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهيو: مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته چيف جسٽس صاحب! توهان هاڻي عدليا ئي نه پر آئين ۽ قانون، انصاف جي نظام ۽ ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهيو. سماجیي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز شريف چيو ته چيف جسٽس هجڻ جو اهو مطلب ناهي ته رياست کي اهڙي شخص جي غلامي ۾ ڏئي ڇڏجي جنهن پنهنجي پاليل غنڊن جي ذريعي قومي وقار ۽ ملڪ جي دفاع جي هر سڃاڻپ کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، اهڙي شخص کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ، کيس شاهي مهمان بڻائي رکڻ ۽ سندس ناز نخرا کڻڻ انهن شهيدن ۽ غازين جي توهين آهي، جن جي هر يادگار تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته چيف جسٽس صاحب! توهان ملڪ جي تقدير سان کيڏندڙ هڪ دهشتگرد جو سهولتڪار بڻجڻ بعد پنهنجو وقار وڃائي ويٺا آهيو، جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪرسي عمران خان جي سياست لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيو ته هاڻي سياسي ردعمل لا تيار رهو. مريم نواز وڌيڪ چيو ته فتنو گرفتاري جي ڊپ کان عدالت ۾ لڪيو ويٺو آهي، جيڪڏهن عدالت مان گرفتار ڪرڻ غلط آهي ته ڇا هڪ مجرم لا عدالت کي پناهه گاهه بڻائڻ جي اجازت ڏيڻ به ڪو نئون قانون آهي؟ اهڙي ٻٽي معيار تي شرم اچي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button