اسلام آبادپاڪستان

عمران ۽ بشرا جي غير شرعي نڪاح بابت درخواست شنوائي جوڳي نه قرار

اسلام آباد : اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي غير شرعي نڪاح جي الزام جي ڪيس درخواست نه شنوائي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي. سول جج نصرمن الله جي عدالت ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي غير شرعي نڪاح جي ڪيس جي شنوائي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل راجا رضوان عباسي چيو ته جيڪڏهن شادي قانوني هئي ته ٻيهر نڪاح ڇو ڪيو ويو؟ عدت دوران شادي غير قانوني آهي، اهڙو ڪهڙو فراڊ آهي ته 2018 جي پهرئين ڏينهن شادي ڪنداسين ته وزيراعظم بڻجي وينداسين، جنوري 2018 ۾ بشريٰ بي بي عدت ۾ هئي، طلاق نومبر ۾ ٿي. جج سوال ڪيو ته عمران خان جو نڪاح لاهور ۾ ٿيو، هن عدالت جي اختيارن جو دائرو ڪيئن ٿو ٿئي؟ وڪيل چيو بني گالا مان فراڊ شروع ٿيو ۽ نڪاح لاهور ۾ ٿيو. نڪاح پڙهائيندڙ به اسلام آباد مان نڪاح لاءِ ويو، فيبروري 2018 ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو نڪاح ٻيهر اسلام آباد ۾ پڙهايو ويو. درخواستگذار جي وڪيل راجا رضوان عباسي جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت عمران خان خلاف غير شرعي نڪاح جي الزام جو ڪيس شنوائي جوڳو هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو پوءِ ٻڌايو ويو. عدالت محفوظ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته عدت ۾ نڪاح جي ڪيس جي درخواست عدالت جي اختيارن جي دائري کان ٻاهر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button