اسلام آبادپاڪستان

قومي ملڪيتن کي نقصان جي ذميوار پي ٽي آءِ ۽ ان جي ليڊرشپ آهي:ڊاڪٽر مهرين ڀٽو

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ انساني حقن واري ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهرين ڀٽو پي ٽي آءِ جي جي ڪارڪنن طرفان قومي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قومي ادارن ۽ انهن جي سربراهن تي الزام تراشي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ڪالهه جاري بيان ۾ هن چيو ته ڪنهن به مهذب معاشري ۾ ان قسم جي بي رحماڻي ۽ پرتشدد احتجاج جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته ڪو به سياسي ليڊر يا سياسي ڪارڪن ان قسم جي پرتشدد احتجاج جو حصو نٿو بڻجي جهڙي طرح جو احتجاج پي ٽي آءِ ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ان پرتشدد ڪارروائين ۾ ملوث وڳوڙين کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ شرپسندن کي قانون مطابق سزا ڏني وڃي. سمورين قومي ملڪيتن کي نقصانن جي ذميوار پي ٽي آءِ ۽ ان جي ليڊرشپ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button