اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ رجسٽرار طرفان سيڪيورٽي بابت اجلاس طلب

اسلام آباد : پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) طرفان ڌرڻي جي اعلان کانپوءِ سپريم ڪورٽ رجسٽرار سيڪيورٽي بابت اجلاس گهرائي ورتو.سپريم ڪورٽ رجسٽرار اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر، اي آءِ جي اسپيشل برانچ اسلام آباد، ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ ايس ايس پي آپريشنز کي به طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ سومر تي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن نظرثاني درخواست شنوائي لاءِ مقرر آهي، جنهن جي شنوائي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪندي. اتي ئي حڪومت اتحاد عدالتي رويي خلاف سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ سامهون احتجاج جو سڏ ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button