پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ ڪريل بجلي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

سانگھڙ: سانگهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد خان لغاري ۾ حيسڪو جي ايس آر 3 فيز تي 11 هزار وولٽيج جي بجلي جي تار زمين تي ڪريل هئي، جنهن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ٻار جو پي نوجوان محمد دين عرف جلال لغاري ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ فوتي نوجوان جي هڪ عزيز سلامت لغاري ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ڀرسان حيسڪو جو پول ڪري پيو هو، جيڪو حيسڪو وارا لڳائڻ بدران پول ئي پاڙ کان ڪٽي کڻي ويا ۽ 11 وولٽيج جي تار زمين تي ڇڏي ويا، جنهن ۾ ڪرنٽ موجود هو، جنهن جي اسان کي خبر نه هئي، اسان جو نوجوان جلال لغاري اتان ڪنهن ڪم سانگي گذريو ته کيس بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳي ويو ۽ سندس جسم سڙي ويو، اطلاع باوجود اڃان تائين حيسڪو عملو ناهي پهتو، اڃان تائين تار ۾ بجلي چالو آهي. ٻئي پاسي اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش کڻائي اسپتال آندو ۽ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button