پاڪستانسنڌ

عمران خان ڪجهه به ڪري ٿو،کيس عام معافي حاصل آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ڪجهه به ڪري ٿو، هن کي عام معافي حاصل آهي، ڪجهه ماڻهو پنهنجا اخلاقي قدر وساري ويٺا آهن. هن پريس ڪانفرنس ۾ توهين عدالت ۾ گهرايو ويو ته نه ويندس. ڪالهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عدالت انوکو حڪم جاري ڪيو آهي ته عمران خان ڪجهه به ڪري، هن کي معافي حاصل آهي. عمران خان دنيا ۾ ڪو به غير آئيني ۽ غير قانوني ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙيون ضمانتون هر ڪنهن لاءِ سوچڻ جي ڳالهه آهن. هن چيو ته عدالت مان ڪنهن کي به اهڙي ضمانت نه ملي، هڪ ملڪ ۾ ٻه قانون ڪيئن هلي رهيا آهن، عمران خان عدالت ۾ ويهي ڌمڪي ڏني هئي. عمران خان چيو ته کيس گرفتار ڪيو ويو ته ٻيهر ردعمل ڏينداسين، سڄي پاڪستان کي يرغمال بڻايو ويو آهي. عدالتي احاطي ۾ ويهي چيو ويو ته مون کي اغوا ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان وڏو خودغرض ۽ مطلبي ماڻهو آهي، هن پنهنجي ساٿين، ڪارڪنن جي آزاديءَ جو مطالبو ناهي ڪيو، عمران خان پنهنجي زال، ڀينرن ۽ ٻارن کي احتجاج لاءِ نه سڏيو. هڪ پرڏيهي خابرو اداري جي انٽرويو ۾ هن اداري جي سربراهه خلاف ڳالهايو. عمران خان پاڪستان جو سڀ کان وڏو بليڪ ميلر آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان ادارن جي سربراهن کي ڌمڪيون ڏنيون، ملڪ دشمنن پي ٽي آءِ کي فنڊ ڏنا، عمران خان ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن پنهنجا اخلاقي قدر وساري ڇڏيا آهن، هن پريس ڪانفرنس کانپوءِ جيڪڏهن توهين عدالت ۾ سڏيو ويو ته نه ويندس، جيڪو ڪرڻو آهي، ڪري وٺو، سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيندس. صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي آمرن خلاف ويڙهه ڪئي، عمران خان جو مقصد ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ آهي. هو عدالتن جو لاڏلو بڻيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button