پاڪستانسنڌ

اسلام ڪُوٽ ۾ رهواسين جو پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ الهياري ڀيل جي رهواسين چَتون ڀيل، بچو ڀيل، شوڪي ڀيل، والجي ڀيل، نرسنگهھ ڀيل ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. هنن دانهيو ته اسان جو برادري جي ماڻهن سان زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هو، مخالف ڌُر جي ماڻهن حملو ڪري اسان جي چتون ڀيل کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪيو، جنهن بعد جهانگرو جي ايس ايڇ او جوابدار ڌُر جي ونگار وهندي زخمي همراھه سميت 13 ڄڻن تي جهيڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل سمورا ماڻهو بئراجي علائقن ۾ لاباري تي ويل هئا. هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس پ پ اڳواڻ احمد شاھه ۽ ڀورل شاهھ جي چرچ تي اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، اسان سمورا متاثر اڄ ٻار بئراج ۾ ڇڏي هتي ضمانت ڪرائڻ آيا آهيون. هنن ايس ايس پي ٿر کي اپيل ڪئي ته جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل پ پ اڳواڻ ڀورل شاھه رابطي تي ٻڌايو ته منهنجو هن معاملي سان ڪو واسطو ناهي،لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button