پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ کاڻ واسڻ ويم دوران فوت، وارثن جو لاش رکي مظاهرو

ميرپورخاص: کاڻ واسڻ عورت ويم دوران فوت، وارثن ڊاڪٽرياڻي ۽ ساهرن تي لاپرواهي جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو. رپورٽ موجب ميرپورخاص ويجهو کاڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي جي رهواسڻ 22 سالن جي شازيه خاصخيلي شهر جي چاندني چوڪ ڀرسان هڪ نجي ڪلينڪ تي ويم دوران فوت ٿي وئي، جنهن بعد فوتي عورت جي وارثن فوتڻ جي پي گل محمد ۽ سئوٽ عطا محمد خاصخيليءَ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان لاش رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ انصاف لا نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي گل محمد چيو ته سندس ناٺي شازيه کي هڪ نجي ڪلينڪ تي ٻار ڄڻائڻ لاءِ وٺي ويو، جتي ڊاڪٽرياڻي طاهرا غلط طريقي سان ويم ڪرايو، ان ڪري ڌي شازيه جي پيٽ اندر رڳ ڦاٽي پئي ۽ لاڳيتو رت وهڻ سبب کيس سول اسپتال ميرپورخاص کانپوءِ حيدرآباد نيو ويو، جتي هوءَ فوت ٿي وئي. هنن چيو ته هيڏي وڏي خراب حالت هئڻ باوجود شازيه جي مڙس ۽ ٻين ساهرن اسان کي نه ٻڌايو ۽ نياڻي کي اسپتال ۾ لاوارث ڇڏي ڏنو، بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري نياڻي فوت ٿي وئي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي انڪوائري ڪري ملوث ڊاڪٽرياڻي ۽ لاپرواهي ڪندڙ ساهرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button