پاڪستانسنڌ

بڪيرا شريف ۾ مسجد مان بيٽري چوري، هڪ موٽرسائيڪل ڦر ۽ ٻي چور ڪاهي فرار

بڪيراشريف: بڪيراشريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھه محمد بروهي ۾ رات دير سان 2 نامعلوم چور مسجد اندر داخل ٿي سئو واٽ جي بيٽري چوري ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جا پيرا ڳوٺ کان ٻاهر نڪرڻ بعد غائب ٿي ويا. ٻئي پاسي صبح سوير 8 بڳي شهر جي مين بينظير چوڪ تان يوسف پٺاڻ جي دڪان اڳيان بيٺل نئين سي ڊي موٽرسائيڪل چور چوري ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پر پوليس ڪا ڪاروائي نه ڪئي. گذريل ڏينهن علي بخش جروار ويجهو 4 نامعلوم هٿياربند رهواسي دانيال بڪيرو کان پڻ موٽرسائيڪل ڦري فرار ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button